نئين عهد نامي

2.ٿسلونيڪين 2:2-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. تہ اوھين اھو سمجھي ڄڻ تہ خداوند جو ڏينھن اڳي ئي اچي ويو آھي، پنھنجن خيالن ۾ سولائيءَ سان ڊانوانڊول نہ ٿيو. نڪي اوھين پريشان ٿيو، نہ ڪنھن اڳڪٿيءَ کان، نہ ڪنھن افواھہ کان ۽ نہ ڪنھن خط کان جيڪو اسان وٽان آيل سمجھو.

3. ڪنھن بہ طرح ڪنھن ماڻھوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو. ڇالاءِ⁠جو اھو ڏينھن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ماڻھو پھرين خدا کان ڦري نہ وڃن ۽ وڳوڙي ماڻھو جنھن جي پڇاڙي بربادي آھي ظاھر نہ ٿئي.

4. ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو.

5. اوھان کي ياد ناھي ڇا تہ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ھوس، تڏھن اوھان کي اھي ڳالھيون ٻڌائيندو ھوس؟

6. ھاڻ اوھين ڄاڻو ٿا تہ اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا ھن وڳوڙيءَ کي روڪيو بيٺي آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي پوري وقت تي ظاھر ٿئي.

7. جيئن تہ وڳوڙ جي ڳجھي طاقت اڳي ئي اثر ڪندي ٿي رھي، پر ھاڻي ان کي ھڪ روڪڻ وارو آھي، جيڪو کيس تيستائين روڪيندو رھندو، جيستائين ھن کي رستي کان ھٽايو نہ ويندو.

8. تنھن کان پوءِ اھو وڳوڙي ظاھر ٿيندو، جنھن کي خداوند عيسيٰ پنھنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو ۽ پنھنجي اچڻ جي جلوي سان چٽ ڪري ڇڏيندو.

9. انھيءَ وڳوڙيءَ جو اچڻ شيطان جي عمل موجب ٿيندو، جنھن جي پوري طاقت سان ھو ڪوڙيون ڪرامتون ۽ عجيب مگر ڪوڙا ڪم ڪري ڏيکاريندو.

10. ھو برباد ٿيڻ وارن کي ھر قسم جي بڇڙائيءَ سان فريب ڏيندو. اھي ماڻھو انھيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جي محبت اختيار نہ ڪيائون، جنھن سان سندن ڇوٽڪارو ٿئي ھا.

11. اھو ئي سبب آھي جو خدا ھنن تي گمراھيءَ جو اثر وجھندو، تہ جيئن ھو ان ڪوڙ کي مڃين.

12. انھيءَ لاءِ تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رھن، تن سڀني کي ڏوھي ٺھرايو وڃي.

13. پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جا پيارؤ! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ⁠جو خدا شروع کان ئي اوھان کي انھيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.

14. ھن اوھان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي انھيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي عظمت ۾ ڀائيوار ٿيو.

15. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رھو ۽ انھن ڳالھين تي قائم رھو، جيڪي اسان اوھان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آھن.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ٿسلونيڪين 2