نئين عهد نامي

2.ٿسلونيڪين 2:12-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. انھيءَ لاءِ تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رھن، تن سڀني کي ڏوھي ٺھرايو وڃي.

13. پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جا پيارؤ! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ⁠جو خدا شروع کان ئي اوھان کي انھيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.

14. ھن اوھان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي انھيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي عظمت ۾ ڀائيوار ٿيو.

15. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رھو ۽ انھن ڳالھين تي قائم رھو، جيڪي اسان اوھان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آھن.

16. شل اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنھن اسان سان محبت رکي ۽ پنھنجي فضل جي ڪري اسان کي ھميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،

17. سو اوھان جي دلين کي ھمت ڏئي ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ ۽ چوڻ جي طاقت بخشي.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ٿسلونيڪين 2