نئين عهد نامي

2.پطرس 3:8-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. پر اي عزيزو! ھيءَ ڳالھہ ڪڏھن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي آڏو ھڪڙو ڏينھن ھزار سالن جي برابر آھي ۽ ھزار سال ھڪڙي ڏينھن جي برابر.

9. خداوند پنھنجي واعدي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آھي، جھڙي دير ڪي ماڻھو سمجھن ٿا. پر ھو اوھان جي باري ۾ صبر ڪري ٿو، انھيءَ ڪري جو ھو نہ ٿو چاھي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ ھو چاھي ٿو تہ سڀيئي توبھہ ڪن.

10. پر خداوند جو ڏينھن چور وانگر اوچتو ايندو. انھيءَ ڏينھن آسمان وڏي ڪڙڪي سان گم ٿي ويندا، آسماني شيون سخت باھہ جي ڪري ڳري وينديون ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آھي سو سڀ سڙي ويندو.

11. جڏھن تہ ھي سڀ شيون اھڙيءَ طرح ڳري وڃڻيون آھن، تڏھن اوھان کي ڪھڙي قسم جو ماڻھو ٿيڻ گھرجي؟ اوھان کي گھرجي تہ اوھين پاڪ ۽ ديندار زندگي گذاريو.

12. ان سان گڏ اوھان کي خدا جي انھيءَ ڏينھن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ گھرجي، بلڪ انھيءَ ڏينھن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجڻ گھرجي. انھيءَ ڏينھن جي اچڻ ڪري آسمان باھہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ آسماني شيون سخت گرميءَ جي ڪري پگھرجي وينديون.

13. پر خدا جي ڪيل واعدي موجب اسين نئين آسمان ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آھيون، جن ۾ سچائي رھي ٿي.

14. تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھين انھن ڳالھين جو انتظار پيا ڪريو، تڏھن ڪوشش ڪريو تہ خدا اوھان کي صلح جي حالت ۾ بي⁠داغ ۽ بي⁠عيب ڏسي.

15. اسان جي خداوند جي صبر کي ڇوٽڪارو ڪري سمجھو، جھڙيءَ طرح اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ انھيءَ ڏاھپ سان اوھان ڏانھن لکيو آھي، جيڪا کيس عطا ٿيل آھي.

16. ھن پنھنجي سڀني خطن ۾ انھن ڳالھين بابت اھڙي ئي نموني ذڪر ڪيو آھي. ھن جي خطن ۾ ڪي ڳالھيون اھڙيون بہ آھن جن جو سمجھڻ مشڪل آھي ۽ جاھل ۽ جيڪي ثابت⁠قدم نہ ٿا رھن، سي انھن جي معنيٰ کي بہ ٻين پاڪ ڪتابن وانگر ڦيرائي ابتي پيا ڪن. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجي لاءِ تباھي ٿا پيدا ڪن.

17. تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھان کي انھن ڳالھين جي اڳي ئي خبر آھي، تڏھن خبردار رھو، ائين نہ ٿئي جو اوھين بدڪار ماڻھن جي گمراھيءَ ڏانھن ڇڪجي پنھنجي ثابت⁠قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.

18. پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.

مڪمل باب پڙهڻ 2.پطرس 3