نئين عهد نامي

2.پطرس 3:1-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اي عزيزو! ھاڻي آءٌ اوھان ڏانھن ھي ٻيو خط ٿو لکان. ٻنھي خطن ۾ اوھان کي يادگيري ڏياري، اوھان جي سچيءَ دل کي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.

2. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين انھن ڳالھين کي، جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آھن ۽ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي انھيءَ حڪم کي ياد رکو، جيڪو اوھان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو ھو.

3. سڀ کان پھريائين اوھان کي اھو ڄاڻڻ گھرجي تہ آخري ڏينھن ۾ اھڙا ٺٺوليون ڪندڙ ايندا، جيڪي پنھنجين برين خواھشن موجب ھلندا.

4. اھي چوندا تہ ”انھيءَ وري اچڻ جو واعدو نہ ڪيو ھو ڇا؟ پوءِ ھو ڪٿي آھي؟ ڇالاءِ⁠جو جڏھن کان اسان جا ابا ڏاڏا مري ويا آھن، تڏھن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو ھلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت ھو.“

5. پر ھيءَ ڳالھہ انھن ڄاڻي⁠ٻجھي وساري ڇڏي آھي تہ خدا جي حڪم سان پراڻي زماني کان آسمان موجود آھن ۽ زمين پاڻيءَ منجھان ٺھي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ آھي.

6. پاڻيءَ جي وسيلي انھيءَ زماني جي دنيا پاڻيءَ ۾ ٻڏي چٽ ٿي ويئي.

7. انھيءَ ساڳئي حڪم جي وسيلي موجودہ آسمان ۽ زمين انھيءَ لاءِ بچائي رکيا ويا آھن تہ ساڙيا وڃن. اھي عدالت جي ڏينھن تائين موجود رھندا، جنھن ڏينھن بدڪار ماڻھن کي ناس ڪيو ويندو.

8. پر اي عزيزو! ھيءَ ڳالھہ ڪڏھن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي آڏو ھڪڙو ڏينھن ھزار سالن جي برابر آھي ۽ ھزار سال ھڪڙي ڏينھن جي برابر.

9. خداوند پنھنجي واعدي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آھي، جھڙي دير ڪي ماڻھو سمجھن ٿا. پر ھو اوھان جي باري ۾ صبر ڪري ٿو، انھيءَ ڪري جو ھو نہ ٿو چاھي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ ھو چاھي ٿو تہ سڀيئي توبھہ ڪن.

10. پر خداوند جو ڏينھن چور وانگر اوچتو ايندو. انھيءَ ڏينھن آسمان وڏي ڪڙڪي سان گم ٿي ويندا، آسماني شيون سخت باھہ جي ڪري ڳري وينديون ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آھي سو سڀ سڙي ويندو.

11. جڏھن تہ ھي سڀ شيون اھڙيءَ طرح ڳري وڃڻيون آھن، تڏھن اوھان کي ڪھڙي قسم جو ماڻھو ٿيڻ گھرجي؟ اوھان کي گھرجي تہ اوھين پاڪ ۽ ديندار زندگي گذاريو.

12. ان سان گڏ اوھان کي خدا جي انھيءَ ڏينھن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ گھرجي، بلڪ انھيءَ ڏينھن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجڻ گھرجي. انھيءَ ڏينھن جي اچڻ ڪري آسمان باھہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ آسماني شيون سخت گرميءَ جي ڪري پگھرجي وينديون.

13. پر خدا جي ڪيل واعدي موجب اسين نئين آسمان ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آھيون، جن ۾ سچائي رھي ٿي.

14. تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھين انھن ڳالھين جو انتظار پيا ڪريو، تڏھن ڪوشش ڪريو تہ خدا اوھان کي صلح جي حالت ۾ بي⁠داغ ۽ بي⁠عيب ڏسي.

15. اسان جي خداوند جي صبر کي ڇوٽڪارو ڪري سمجھو، جھڙيءَ طرح اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ انھيءَ ڏاھپ سان اوھان ڏانھن لکيو آھي، جيڪا کيس عطا ٿيل آھي.

مڪمل باب پڙهڻ 2.پطرس 3