نئين عهد نامي

2.پطرس 1:11-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. اھڙيءَ طرح اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاھت ۾ پوريءَ طرح داخل ڪيا ويندا.

12. تنھنڪري آءٌ اوھان کي اھي ڳالھيون ھميشہ ياد ڏياريندو رھندس، جيتوڻيڪ اوھان کي انھن جي خبر آھي ۽ انھيءَ سچائيءَ تي مضبوطيءَ سان قائم آھيو، جيڪا اوھان کي مليل آھي.

13. آءٌ اھا ڳالھہ ضروري ٿو سمجھان تہ جيستائين آءٌ جيئرو آھيان تيستائين اوھان جي دلين کي اُڀارڻ لاءِ يادگيري ڏياريندي ھوشيار ڪندو رھان.

14. ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منھنجي مرڻ جو وقت ويجھو آھي، جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بہ مون تي اھو ظاھر ڪيو آھي.

15. سو آءٌ اھا ئي ڪوشش ڪندس تہ منھنجي مري وڃڻ کان پوءِ اوھين ھر وقت اھي ڳالھيون ياد رکي سگھو.

16. جڏھن اسان اوھان کي پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ اچڻ جي خبر ڏني ھئي، تڏھن بناوٽي آکاڻين تي ڪونہ لڳا ھئاسين. پر سندس عظمت جا اکين ڏٺا شاھد ھئاسين.

17. ھائو، جڏھن عيسيٰ کي خدا پيءُ عزت ۽ عظمت بخشي، تڏھن انھيءَ خداءِ⁠ذوالجلال وٽان اتي ھي آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان.“

18. ان وقت اسين ھن سان گڏ پاڪ جبل تي ھئاسون ۽ اسان پاڻ اھو آواز آسمان مان ايندي ٻڌو.

19. اھڙيءَ طرح اسان وٽ جيڪو نبين جو ڪلام آھي، سو وڌيڪ اعتقاد جوڳو آھي. اوھين چڱو ٿا ڪريو جو انھيءَ تي ڌيان ٿا ڏيو، ڇالاءِ⁠جو اھو ھڪ ڏيئي وانگر آھي جيڪو اونداھيءَ جاءِ ۾ تيستائين روشني پيو ڪري، جيستائين پرھہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو اوھان جي دلين ۾ چمڪي.

20. سڀني ڳالھين کان پھريائين ھي ڄاڻي ڇڏيو تہ پاڪ ڪتاب ۾ نبين جي ڪابہ ڳالھہ ڪنھن جي بہ ذاتي مطلب سان نہ ٿي ٿئي،

21. ڇالاءِ⁠جو نبين جي ڪابہ ڳالھہ ڪڏھن بہ انسان جي پنھنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ ماڻھو پاڪ روح جي رھنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالھائيندا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ 2.پطرس 1