نئين عهد نامي

2.پطرس 1:1-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انھن ڏانھن ٿو لکجي، جن اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جھڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آھي.

2. شل خدا ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ جي سڃاڻپ جي وسيلي اوھان تي فضل ۽ سلامتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رھي.

3. خدا پنھنجي الاھي قدرت سان اھي سڀ شيون پنھنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي ڏنيون آھن، جن جو تعلق زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان آھي. ھن اسان کي انھيءَ لاءِ سڏيو آھي تہ جيئن اسين کانئس عظمت ۽ نيڪي ماڻيون.

4. اھڙيءَ طرح ھن اسان سان نھايت وڏا ۽ قيمتي واعدا ڪيا آھن، تہ جيئن انھن جي وسيلي اوھين دنيا جي خرابيءَ کان بچي وڃو، جيڪا برين خواھشن جي ڪري آھي ۽ الاھي ذات ۾ شريڪ ٿي وڃو.

5. سو انھيءَ ڪري اوھين تمام گھڻي ڪوشش ڪري پنھنجي ايمان سان گڏ نيڪيءَ ۾ واڌارو آڻيو ۽ نيڪيءَ سان علم ۾،

6. پنھنجي علم سان پرھيزگاري، پرھيزگاريءَ سان صبر ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو.

7. اوھين دينداريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان محبت وڌايو.

8. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھي خوبيون اوھان ۾ موجود ھونديون ۽ وڌنديون رھنديون، تہ اھي اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي⁠ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.

9. پر جنھن ماڻھوءَ ۾ اھي خوبيون نہ آھن، سو ڪوتاھہ نظر بلڪ انڌو آھي. ھو پنھنجن اڳوڻن گناھن جي ڌوپي صاف ٿيڻ واري ڳالھہ کي وساري ويٺو آھي.

10. تنھنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنھنجي ڪوٺ ۽ چونڊ کي يقيني بنائڻ لاءِ زيادہ ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ ڪڏھن بہ ٿاٻو نہ کائيندا.

11. اھڙيءَ طرح اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاھت ۾ پوريءَ طرح داخل ڪيا ويندا.

12. تنھنڪري آءٌ اوھان کي اھي ڳالھيون ھميشہ ياد ڏياريندو رھندس، جيتوڻيڪ اوھان کي انھن جي خبر آھي ۽ انھيءَ سچائيءَ تي مضبوطيءَ سان قائم آھيو، جيڪا اوھان کي مليل آھي.

13. آءٌ اھا ڳالھہ ضروري ٿو سمجھان تہ جيستائين آءٌ جيئرو آھيان تيستائين اوھان جي دلين کي اُڀارڻ لاءِ يادگيري ڏياريندي ھوشيار ڪندو رھان.

مڪمل باب پڙهڻ 2.پطرس 1