بابن

  1. 1

نئين عهد نامي

2.يوحنا 1 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

سلام

1. ھن بزرگ جي طرفان تو خدا جي چونڊيل شريف عورت ۽ تنھنجي ٻارن ڏانھن سلام، جن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان. نہ رڳو آءٌ پر اُھي سڀيئي جيڪي سچ کي سڃاڻن ٿا، سي بہ اوھان سان پيار ڪن ٿا،

2. ڇاڪاڻ⁠تہ سچ اسان ۾ رھي ٿو ۽ ھميشہ اسان سان گڏ رھندو.

3. شل اسان تي سچائيءَ ۽ پيار سان گڏ خدا پيءُ ۽ پيءُ جي فرزند عيسيٰ مسيح طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.

سچائي ۽ پيار

4. آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏھن مون ڏٺو تہ تنھنجا ڪي ٻار ائين سچ تي ھلي رھيا آھن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آھي.

5. پياري ڀيڻ، عرض تہ آءٌ تو ڏانھن ڪو نئون حڪم نہ، بلڪ اھو پراڻو حڪم لکي رھيو آھيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو ھو تہ اسين ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون.

6. پيار جو مطلب اھو آھي تہ اسان کي خدا جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گھرجي. سو جيڪو حڪم اوھان شروع کان ٻڌو آھي سو ھي آھي تہ اوھين پيار ۾ زندگي گذاريو.

مسيح جا دشمن

7. ڇالاءِ⁠جو ڪيئي گمراھہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي عيسيٰ مسيح جي انساني صورت ۾ اچڻ جو انڪار ٿا ڪن. اھڙي قسم جو شخص گمراھہ ڪندڙ ۽ مسيح جو دشمن آھي.

8. خبردار، اوھان جيڪي ڪم ڪيا آھن سي متان برباد ڪري ڇڏيو، بلڪ اوھان کي پورو پورو اجر ملي.

9. جيڪو مسيح جي تعليم کان اڳتي وڌي وڃي ٿو، تنھن وٽ خدا موجود نہ آھي. پر جيڪو مسيح جي تعليم تي قائم رھي ٿو، تنھن وٽ پيءُ ۽ فرزند ٻئي موجود آھن.

10. جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ۽ ھيءَ تعليم نہ ڏئي تہ اھڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي کيس سلام ڪريو.

11. جيڪو کيس سلام ڪري ٿو، سو سندس بڇڙن ڪمن ۾ شريڪ ٿئي ٿو.

پڄاڻي

12. مون کي ڪيتريون ئي ڳالھيون اوھان کي ٻڌائڻيون آھن، جيڪي مس سان ۽ ڪاغذ تي لکڻ نہ ٿو چاھيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوھان سان ملي ڳالھيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.

13. خدا جي چونڊيل تنھنجي ڀيڻ جا ٻار تو کي سلام ڏين ٿا.