نئين عهد نامي

2.تيمٿيس 3:6-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. اھڙي ئي قسم جي ماڻھن مان ڪي گھرن ۾ لڪ چوريءَ گھڙي سادين عورتن کي پنھنجي چنبي ۾ آڻين ٿا. اھي عورتون گناھن جي ھيٺان دٻجي طرح طرح جي برين خواھشن ۾ ڦاسيو وڃن.

7. اھي ھميشہ سکنديون تہ رھن ٿيون، پر ڪڏھن بہ سچ جي سڃاڻپ تائين پھچي نہ ٿيون سگھن.

8. جھڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي مخالفت ڪئي ھئي، تھڙيءَ طرح ھي ماڻھو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. ھي اھڙا ماڻھو آھن جن جو عقل بگڙيل آھي ۽ جيڪي ڪوڙي ايمان رکڻ جي ڪري رد ٿيل آھن.

9. اھي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇالاءِ⁠جو سندن بي⁠عقلي سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿيندي، جھڙيءَ طرح انھن ٻنھي جي بہ ٿي ھئي.

10. پر تو منھنجي تعليم، ھلت چلت، ارادي، ايمان، تحمل، محبت ۽ صبر جي پيروي ڪئي آھي.

11. تون ڄاڻين ٿو تہ ڪيئن مون کي ستايو ويو ۽ ڪھڙيءَ طرح مون ڏک ڏٺا، يعني اھي آزار جيڪي مون انتاخيا، اِڪونيم ۽ لسترا ۾ برداشت ڪيا. پر خدا مون کي انھن سڀني مان ڇڏايو.

12. سچ⁠پچ تہ جيڪي⁠بہ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي دينداريءَ سان زندگي گذارڻ چاھين ٿا، سي ستايا ويندا.

13. پر بدڪار ۽ ٺڳ ماڻھو ٻين کي ٺڳيندي ۽ پاڻ بہ ٺڳجندي وڌيڪ خراب ٿيندا ويندا.

14. پر تون انھن ڳالھين تي قائم رھہ، جيڪي سکيون اٿيئي ۽ جن جو تو کي پورو يقين آھي، ڇالاءِ⁠جو تون انھن کي ڄاڻين ٿو جن کان تو اھي سکيون آھن.

مڪمل باب پڙهڻ 2.تيمٿيس 3