نئين عهد نامي

2.تيمٿيس 1:7-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آھي، بلڪ طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.

8. تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ.

9. انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو.

10. پر اھو ھاڻي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ ڪري ظاھر ٿيو، جنھن موت کي ناس ڪري زندگيءَ ۽ بقا کي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آندو.

11. انھيءَ خوشخبريءَ جو آءٌ منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ٿيس.

12. انھيءَ سبب ڪري ئي آءٌ ھي ڏک بہ ٿو سھان. تنھن ھوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن تي مون ايمان آندو آھي، تنھن کي آءٌ سڃاڻان ٿو. مون کي يقين آھي تہ جيڪي ڪجھہ ھن منھنجي حوالي ڪيو آھي، تنھن جي ھو انھيءَ ڏينھن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.

13. جيڪي صحيح ڳالھيون تو مون کان ٻڌيون، تن جو نمونو انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪو مسيح جو ھئڻ ڪري تو کي آھي.

14. جيڪي چڱيون ڳالھيون تو کي سونپيون ويون آھن تن جي حفاظت ڪر. ھا، انھن جي حفاظت پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رھي ٿو.

مڪمل باب پڙهڻ 2.تيمٿيس 1