نئين عهد نامي

2.تيمٿيس 1:11-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. انھيءَ خوشخبريءَ جو آءٌ منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ٿيس.

12. انھيءَ سبب ڪري ئي آءٌ ھي ڏک بہ ٿو سھان. تنھن ھوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن تي مون ايمان آندو آھي، تنھن کي آءٌ سڃاڻان ٿو. مون کي يقين آھي تہ جيڪي ڪجھہ ھن منھنجي حوالي ڪيو آھي، تنھن جي ھو انھيءَ ڏينھن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.

13. جيڪي صحيح ڳالھيون تو مون کان ٻڌيون، تن جو نمونو انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪو مسيح جو ھئڻ ڪري تو کي آھي.

14. جيڪي چڱيون ڳالھيون تو کي سونپيون ويون آھن تن جي حفاظت ڪر. ھا، انھن جي حفاظت پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رھي ٿو.

15. تو کي خبر آھي تہ ايشيا پرڳڻي جا سڀ ماڻھو، فوگلس ۽ ھرموگنيس سميت مون کان ڦري ويا آھن.

16. خدا شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترائي ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو ۽ منھنجي قيدي ھئڻ جي ڪري ڪو عار نہ ڪيائين.

مڪمل باب پڙهڻ 2.تيمٿيس 1