نئين عهد نامي

2.تيمٿيس 1:1-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو انھيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جا عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ سان آھي، خدا جي مرضيءَ سان عيسيٰ مسيح جو رسول آھي.

2. ھي منھنجي پياري فرزند تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو.شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.

3. جنھن خدا جي عبادت منھنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انھيءَ جي عبادت صاف⁠دليءَ سان ڪندي ۽ پنھنجين دعائن ۾ رات ڏينھن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.

4. تنھنجي ڳوڙھن کي ياد ڪري تنھنجي ڏسڻ لاءِ سڪان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ خوشيءَ سان ڀرجي وڃان.

5. مون کي تنھنجو اھو سچو ايمان ياد آھي، جيڪو پھريائين تنھنجي نانيءَ لوئس ۽ تنھنجي ماءُ يونيڪيءَ جو ھو ۽ مون کي يقين آھي تہ تنھنجو بہ ساڳيو ايمان آھي.

6. انھيءَ سبب ڪري آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون خدا جي انھيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منھنجي ھٿن رکڻ جي ڪري تو کي مليل آھي.

7. ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آھي، بلڪ طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.

مڪمل باب پڙهڻ 2.تيمٿيس 1