نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 9:1-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ڇا آءٌ آزاد نہ آھيان؟ ڇا آءٌ رسول نہ آھيان؟ ڇا مون عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي جيڪو اسان جو خداوند آھي؟ ڇا خداوند جي لاءِ اوھين منھنجي خدمت جو نتيجو نہ آھيو؟

2. جيڪڏھن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ ڀلي نہ مڃين، پر اوھان جو تہ رسول آھيان. جيئن تہ اوھين خداوند جا آھيو، سو اھا ئي منھنجي رسالت جي ثابتي آھي.

3. جن کي مون تي اعتراض آھي، تن لاءِ منھنجو جواب ھي آھي تہ

4. اسان کي کائڻ پيئڻ جو حق نہ آھي ڇا؟

5. اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟

6. يا رڳو مون کي ۽ برنباس کي گذر سفر لاءِ پورھيو ڪرڻ گھرجي؟

7. ڇا ڪڏھن ڪو پنھنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آھي؟ ڇا اھڙو ڪو مالھي آھي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اھڙو ڪو ڌنار آھي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انھيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو ڪم آڻي؟

8. اھي ڳالھيون آءٌ انساني دستور موجب ٿو چوان. ڀلا شريعت بہ ائين نہ ٿي چوي ڇا؟

9. ڇالاءِ⁠جو موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آھي تہ”جڏھن ڪو ڍڳو ڳاھہ ۾ وھي،تڏھن ان جو ٻوٿ نہ ٻڌ.“ڇا ڀلا خدا کي رڳو ڍڳن جي ڳڻتي آھي؟

10. يا ھو خاص اسان جي لاءِ ائين ٿو فرمائي؟ ھائو، اھو اسان جي لاءِ لکيو ويو آھي، تہ جيئن ھاري اميد رکي ھر ڪاھي ۽ جيڪو اَنُ ڳاھي ٿو تنھن کي اھا اميد رکڻ گھرجي تہ کيس پوک مان حصو ملندو.

11. جيڪڏھن اسان اوھان ۾ روحاني شيون پوکيون آھن، تہ پوءِ اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي جو اوھان مان اسين مادي شيون لڻون.

12. جيڪڏھن ٻيا اوھان جي حق مان حصو وٺن ٿا، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آھي ڇا؟ تنھن ھوندي بہ اسان اھو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سھندا رھون ٿا تہ متان عيسيٰ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ وجھون.

13. اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ جيڪي ھيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آھن سي ھيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان⁠گاھہ جا خدمتگار آھن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟

14. ساڳيءَ طرح خداوند حڪم ڏنو آھي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 9