نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 8:8-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. کاڌو تہ اسان کي خدا سان ڪين ملائيندو. جيڪڏھن نہ کائينداسين تہ ڪو نقصان نہ پھچندو ۽ جيڪڏھن کائينداسين تہ ڪو فائدو بہ ڪونہ ٿيندو.

9. پر خبردار رھجو، ائين نہ ٿئي جو اوھان جي ھيءَ آزادي، ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراھيءَ جو سبب بڻجي.

10. فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوھان علم وارن مان ڪنھن کي بت⁠خاني ۾ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ واريون شيون کائيندي ڏسندو، تہ ھو بہ انھن شين کائڻ ۾ نہ ھمتائبو ڇا؟

11. مطلب تہ اوھان جي علم جي ڪري ڪمزور سمجھہ وارو شخص، يعني اھو ڀاءُ ڀيڻ برباد ٿو ٿئي جنھن جي خاطر مسيح مئو.

12. اھڙيءَ طرح جڏھن اوھين ڀائرن ۽ ڀينرن جو گناھہ ٿا ڪريو تہ سندن ڪمزور ضمير کي زخمي ٿا ڪريو. ائين اوھين مسيح جو گناھہ ٿا ڪريو.

13. سو جيڪڏھن گوشت کائڻ سان منھنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ گمراھہ ٿئي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏھن بہ نہ کائيندس، متان پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي گمراھہ ڪريان.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 8