نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 8:1-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جيڪو کاڌو بتن جي اڳيان نذر ڪجي ٿو، تنھن بابت اسين سمجھون ٿا تہ ”اسان سڀني کي علم آھي.“ اھو علم تہ انسان کي مغرور ڪري ٿو، پر محبت ترقي عطا ڪري ٿي.

2. جيڪڏھن ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ ھو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي.

3. پر جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، تنھن کي خدا پنھنجو ڄاڻي ٿو.

4. تہ پوءِ بتن تي نذر ڪيل کاڌي بابت اسان کي خبر آھي تہ دنيا ۾ بتن جي ڪابہ حقيقت ناھي ۽ ھڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪينھي.

5. جيتوڻيڪ آسمان ۽ زمين ۾ گھڻا ئي خدا سڏجن ٿا ۽ ڪيترائي ڪوڙا خدا ۽ ڪيترائي ڪوڙا خداوند آھن،

6. تنھن ھوندي بہ اسان جي لاءِ تہ ھڪڙو ئي خدا آھي يعني پيءُ، جنھن سڀ شيون پيدا ڪيون آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي لاءِ زندہ آھيون. اسان جو خداوند بہ ھڪڙو ئي آھي يعني عيسيٰ مسيح، جنھن جي وسيلي سڀ شيون موجود آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي وسيلي زندہ آھيون.

7. پر سڀني ماڻھن کي اھا ڄاڻ نہ آھي، ايتري تائين جو اسان مان بہ ڪي اڃا تائين بت⁠پرستيءَ جي اثر ھيٺ آھن. سي ھن کاڌي کي بتن جي ئي قربانيءَ جي حيثيت سان کائين ٿا. جيئن تہ ھو چڱيءَ طرح نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ تميز نہ ٿا ڪري سگھن، تنھنڪري ھو پليت ٿي پون ٿا.

8. کاڌو تہ اسان کي خدا سان ڪين ملائيندو. جيڪڏھن نہ کائينداسين تہ ڪو نقصان نہ پھچندو ۽ جيڪڏھن کائينداسين تہ ڪو فائدو بہ ڪونہ ٿيندو.

9. پر خبردار رھجو، ائين نہ ٿئي جو اوھان جي ھيءَ آزادي، ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراھيءَ جو سبب بڻجي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 8