نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 7:26-36 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. ھاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري آءٌ سمجھان ٿو تہ ماڻھو جھڙو آھي تھڙو ئي رھي تہ چڱو.

27. جيڪڏھن پرڻيل آھين تہ زال کي ڇڏڻ جي ڪوشش نہ ڪر ۽ جيڪڏھن اڻ⁠پرڻيل آھين تہ پرڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪر.

28. پر جيڪڏھن تون شادي ڪندين تہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندين ۽ جيڪڏھن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ اھا بہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندي. پر جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي ھن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انھن کان آءٌ اوھان کي بچائڻ ٿو گھران.

29. پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي ھيترو ٿو چوان تہ وقت تنگ ٿي چڪو آھي. ھاڻي کان وٺي زالن وارا ڇڙن جھڙا ٿي رھن.

30. روئڻ وارا ائين روئن ڄڻ تہ روئن ئي نہ ٿا، خوشي ڪرڻ وارا ائين خوشي ڪن ڄڻ تہ خوشي ڪن ئي نہ ٿا، خريد ڪرڻ وارا ائين ٿين جو ڄڻ تہ وٽن ڪابہ ملڪيت ڪانھي.

31. دنيا جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انھيءَ ۾ ئي غلطان ٿي نہ وڃن، ڇالاءِ⁠جو ھن دنيا جو رنگ ڍنگ تبديل ٿيندو ٿو وڃي.

32. منھنجي خواھش اھا آھي تہ جيئن اوھين فڪرن کان آزاد رھو. اڻ⁠پرڻيل کي خداوند جي ڳالھين بابت فڪر رھي تہ ھو ڪھڙيءَ طرح خداوند کي راضي ڪري.

33. پر پرڻيل کي دنيا جي ڳالھين جو فڪر رھي ٿو تہ ھو ڪيئن پنھنجي زال کي راضي ڪري، تنھنڪري ھو ٻہ⁠دليو آھي.

34. اڻ⁠پرڻيل يعني ڪنواري عورت خداوند جي ڳالھين بابت انھيءَ فڪر ۾ آھي تہ ھوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان پاڪ رھي. پر جيڪا پرڻيل آھي، تنھن کي اھو فڪر آھي تہ ھوءَ ڪيئن مڙس کي راضي ڪري.

35. اھو آءٌ اوھان کي اوھان جي فائدي لاءِ ٿو چوان نڪي ڦاسائڻ لاءِ، تہ جيئن اوھين يڪدلا ٿي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رھو.

36. جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھن پنھنجي ڇوڪريءَ کي ڪنوارو رکي ساڻس سٺي ھلت نہ ڪئي آھي ۽ ھوءَ جوانيءَ کان بہ موٽي آھي ۽ ھاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انھيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، تڏھن کيس اھو اختيار آھي. انھيءَ ۾ ڪوبہ گناھہ ڪونھي، سو ڀلي شادي ڪرائيس.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 7