نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 7:19-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر خدا جي حڪمن تي ھلڻ ئي سڀ ڪجھہ آھي.

20. جنھن کي خدا جھڙيءَ حالت ۾ سڏيو آھي، سو انھيءَ ئي حالت ۾ رھي.

21. جيڪڏھن خدا جي سڏڻ وقت تون غلام آھين تہ فڪر نہ ڪر. پر جيڪڏھن تون آزاد ٿي سگھين ٿو تہ موقعو ھٿان نہ وڃاءِ.

22. تنھن ھوندي بہ جڏھن ڪو غلام خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو خداوند جو آزاد ڪيل آھي. ساڳيءَ طرح جڏھن ڪو آزاد ماڻھو خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو مسيح جو غلام آھي.

23. اوھين تہ مُلھہ ورتل آھيو، سو ماڻھن جا غلام نہ ٿيو.

24. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنھن حالت ۾ چونڊيو ويو آھي، سو انھيءَ حالت ۾ خدا سان رھي.

25. ڪنوارپڻي بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونھي، پر خدا جي رحم سان ھڪ معتبر ماڻھوءَ وانگر آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان.

26. ھاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري آءٌ سمجھان ٿو تہ ماڻھو جھڙو آھي تھڙو ئي رھي تہ چڱو.

27. جيڪڏھن پرڻيل آھين تہ زال کي ڇڏڻ جي ڪوشش نہ ڪر ۽ جيڪڏھن اڻ⁠پرڻيل آھين تہ پرڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪر.

28. پر جيڪڏھن تون شادي ڪندين تہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندين ۽ جيڪڏھن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ اھا بہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندي. پر جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي ھن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انھن کان آءٌ اوھان کي بچائڻ ٿو گھران.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 7