نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 7:13-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. يا جيڪڏھن ڪنھن عورت جو مڙس ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھو ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھو ڇڏڻ نہ گھرجي.

14. ڇالاءِ⁠جو ديندار زال جي ڪري بي⁠دين مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ديندار مڙس جي ڪري بي⁠دين زال پاڪ ٿئي ٿي، ⁠نہ⁠تہ جيڪر اوھان جا ٻار پليت ھجن ھا، پر ھاڻي اھي پاڪ آھن.

15. انھيءَ ھوندي بہ جيڪڏھن غير مذھب وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿيڻ گھري تہ ڀلي جدا ٿئي. اھڙين حالتن ۾ ديندار مڙس يا زال ٻڌل نہ آھي. پر خدا اسان کي صلح سان رھڻ لاءِ سڏيو آھي.

16. ڇالاءِ⁠جو اي زال! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي مڙس کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟ يا اي مڙس! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي زال کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟

17. پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان.

18. جيڪڏھن خدا ڪنھن کي طھريل ئي چونڊيو آھي تہ ھو طھر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏھن خدا ڪنھن کي اڻ⁠طھريل چونڊيو آھي تہ ھو طھر نہ ڪرائي.

19. طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر خدا جي حڪمن تي ھلڻ ئي سڀ ڪجھہ آھي.

20. جنھن کي خدا جھڙيءَ حالت ۾ سڏيو آھي، سو انھيءَ ئي حالت ۾ رھي.

21. جيڪڏھن خدا جي سڏڻ وقت تون غلام آھين تہ فڪر نہ ڪر. پر جيڪڏھن تون آزاد ٿي سگھين ٿو تہ موقعو ھٿان نہ وڃاءِ.

22. تنھن ھوندي بہ جڏھن ڪو غلام خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو خداوند جو آزاد ڪيل آھي. ساڳيءَ طرح جڏھن ڪو آزاد ماڻھو خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو مسيح جو غلام آھي.

23. اوھين تہ مُلھہ ورتل آھيو، سو ماڻھن جا غلام نہ ٿيو.

24. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنھن حالت ۾ چونڊيو ويو آھي، سو انھيءَ حالت ۾ خدا سان رھي.

25. ڪنوارپڻي بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونھي، پر خدا جي رحم سان ھڪ معتبر ماڻھوءَ وانگر آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان.

26. ھاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري آءٌ سمجھان ٿو تہ ماڻھو جھڙو آھي تھڙو ئي رھي تہ چڱو.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 7