نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 6:5-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. آءٌ چوان ٿو تہ اوھان کي شرم اچڻ گھرجي. ڇا اوھان ۾ ڪوبہ اھڙو سياڻو ڪونھي جيڪو اوھان ايمان وارن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟

6. پر اٽلندو ايمان وارو، ايمان واري تي ڪيس ٿو ڪري سو بہ بي⁠دينن وٽ.

7. حقيقت ۾ اھا اوھان جي وڏي شڪست آھي جو اوھين ھڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو. ظلم سھڻ ڇو نہ ٿا بھتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟

8. بلڪ اوھين تہ خود ئي ظلم ڪريو ٿا ۽ ڦُريو ٿا، سو بہ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي.

9. اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ بدڪار خدا جي بادشاھت ۾ داخل نہ ٿيندا؟ سو ٺڳجي نہ وڃو، ڇالاءِ⁠جو نہ حرامڪار، نڪي بت⁠پرست، نڪي زناڪار، نڪي بدفعلي ڪرائيندڙ، نڪي لونڊي⁠باز،

10. نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گاريل ۽ نڪي دغاباز خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.

11. اوھان مان ڪي اھڙا ئي ھئا. پر اوھين گناھن کان ڌوپجي ويا. اوھين پاڪ ڪيا ويا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻايا ويا.

12. اوھان مان ڪو سمجھي تہ ”سڀ شيون منھنجي لاءِ جائز آھن.“ ٺيڪ آھي، پر ھر ڪا شيءِ اوھان لاءِ فاعدي واري نہ آھي. جيڪڏھن آءٌ بہ چوان تہ ’سڀ شيون منھنجي لاءِ جائز آھن،‘ تہ بہ آءٌ ڪنھن بہ شيءِ جو غلام ڪين ٿيندس.

13. ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو.

14. خدا جھڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ کي جيئرو ڪري اٿاريو، تھڙيءَ طرح ھو اسان کي بہ پنھنجي قدرت سان جيئرو ڪري اٿاريندو.

15. ڇا پوءِ بہ اوھين نہ ٿا سمجھو تہ اوھان جا بدن مسيح جا عضوا آھن؟ تڏھن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنھن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، ھرگز نہ.

16. ڇا اوھين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ملي ٿو، سو انھيءَ سان گڏجي ھڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”اھي ٻئي گڏجي ھڪ جسم ٿي پوندا.“

17. پر جيڪو خداوند سان ملي ٿو سو روحاني طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي وڃي ٿو.

18. سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو ھر گناھہ، جيڪو ماڻھو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاھر آھي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنھنجي بدن جو گناھہ ٿو ڪري.

19. اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جو بدن انھيءَ پاڪ روح جو گھر آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھو اوھان کي خدا کان عطا ٿيل آھي؟ سو اوھان کي پاڻ تي اختيار نہ آھي،

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 6