نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 4:1-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ماڻھن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز سونپيا ويا آھن،

2. ۽ جن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آھي تن جو فرض آھي تہ ايماندار رھن.

3. منھنجي لاءِ اھا ڳالھہ خسيس آھي جو اوھين يا ڪا ٻي انساني ڪورٽ منھنجي جاچ ڪري، جڏھن تہ آءٌ پاڻ پنھنجي جاچ ڪري نہ ٿو سگھان،

4. ڇالاءِ⁠جو منھنجو ضمير مون تي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. تنھن ھوندي بہ ان مان اھو ثابت نہ آھي تہ آءٌ ڪو سچ⁠پچ بي⁠ڏوھي آھيان. مون کي جاچڻ وارو تہ خداوند ئي آھي.

5. تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.

6. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون ھنن ڳالھين ۾ اوھان جي خاطر پنھنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھين اسان کان سکو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آھي، تنھن کان ٻاھر نہ وڃو.“ اوھان مان ڪو ھڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي خلاف ٻٽاڪون نہ ھڻي.

7. تنھنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ وارو ڪير آھي؟ ڇا تو وٽ اھڙي ڪا شيءِ آھي جيڪا تو کي انھيءَ کان نہ ملي ھجي؟ جيڪڏھن تو کي واقعي ملي آھي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ تو کي ملي ئي ڪانھي؟

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 4