نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 3:8-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي ھڪجھڙا آھن. ھر ڪنھن کي پنھنجي پورھئي آھر اجورو ملندو.

9. ڇالاءِ⁠جو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو.

10. خدا جو فضل جيڪو ھن مون کي عطا ڪيو، تنھن موجب مون ھڪڙي ماھر رازي وانگر بنياد وڌو ۽ ٻيو انھيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر ھر ھڪ کي خبردار رھڻ گھرجي تہ ھو انھيءَ تي ڪھڙي اڏاوت ٿو ڪري.

11. سواءِ انھيءَ اڳ وڌل بنياد جي ڪوبہ ماڻھو ٻيو بنياد وجھي نہ سگھندو ۽ اھو بنياد يسوع مسيح آھي.

12. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ بنياد تي سون، چاندي، ھيرن جواھرن، ڪاٺ، گاھہ يا ڪکن جي اڏاوت ڪندو،

13. تہ سندس ڪم ظاھر ٿي پوندو، ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڪم کي آخرت جو ڏينھن پڌرو ڪندو. اھو ڏينھن باھہ سان ظاھر ٿيندو ۽ اھا باھہ ھر ڪنھن جو ڪم پرکيندي تہ ڪھڙي قسم جو آھي.

14. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو انھيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽاءُ ڪندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو.

15. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ کيس نقصان پوندو، پر ھو پاڻ سڙندي سڙندي بچي ويندو.

16. اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھين خدا جو گھر آھيو ۽ خدا جو روح اوھان ۾ رھي ٿو؟

17. جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا جي گھر کي برباد ڪندو تہ خدا انھيءَ ماڻھوءَ کي برباد ڪندو، ڇالاءِ⁠جو خدا جو گھر پاڪ آھي ۽ اھو گھر اوھين ئي آھيو.

18. ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏھن اوھان منجھان ڪو ماڻھو ڀانئين تہ ھن زماني جي لحاظ کان ڏاھو ليکجان، تہ پوءِ کيس بي⁠وقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن ھو ڏاھو ٿي پوي.

19. ڇالاءِ⁠جو ھن جھان جي ڏاھپ خدا جي آڏو بي⁠وقوفي آھي. جيئن لکيل آھي تہ”خدا ڏاھن کيسندن چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“

20. ٻي ھنڌ لکيل آھي تہ”خداوند ڄاڻي ٿو تہڏاھن جا خيال اجايا آھن.“

21. تنھنڪري انسان تي ڪوبہ فخر نہ ڪري، ڇالاءِ⁠جو سڀ شيون اوھان جون آھن،

22. جيئن تہ پولس، اپلوس، پطرس، ھيءَ دنيا، ھيءَ زندگي ۽ موت، حال ۽ مستقبل، اِھي سڀيئي اوھان جا آھن.

23. اوھين سڀيئي مسيح جا آھيو ۽ مسيح خدا جو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 3