نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 3:1-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان سان روحاني ماڻھن وانگر نہ ڳالھائي سگھيس پر دنياوي ماڻھن وانگر، يعني مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ننڍڙن ٻارن وانگر ڳالھائي سگھيس.

2. مون اوھان کي کير پياريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇالاءِ⁠جو اوھين اڃا انھيءَ لاءِ تيار نہ ھئا ۽ نڪي ھاڻي ئي تيار آھيو.

3. اوھين اڃا تائين دنياوي ماڻھن وانگر آھيو. جيئن تہ اوھان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آھي، سو اوھين جسماني نہ آھيو ڇا؟ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ ٿا ھلو ڇا؟

4. جڏھن اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ تہ پوءِ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ آھيو ڇا؟

5. تہ پوءِ اپلوس ڪھڙي شيءِ آھي؟ ۽ پولس ڇا آھي؟ اھي تہ خدمتگار آھن، جن جي وسيلي اوھان ايمان آندو. ھر ڪو اھڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جھڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آھي.

6. مون پوکيو، اپلوس پاڻي ڏنو پر وڌايو خدا.

7. سو نہ پوکيندڙ ۽ نڪي پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ آھن، پر خدا آھي جيڪو وڌائي ٿو.

8. پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي ھڪجھڙا آھن. ھر ڪنھن کي پنھنجي پورھئي آھر اجورو ملندو.

9. ڇالاءِ⁠جو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو.

10. خدا جو فضل جيڪو ھن مون کي عطا ڪيو، تنھن موجب مون ھڪڙي ماھر رازي وانگر بنياد وڌو ۽ ٻيو انھيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر ھر ھڪ کي خبردار رھڻ گھرجي تہ ھو انھيءَ تي ڪھڙي اڏاوت ٿو ڪري.

11. سواءِ انھيءَ اڳ وڌل بنياد جي ڪوبہ ماڻھو ٻيو بنياد وجھي نہ سگھندو ۽ اھو بنياد يسوع مسيح آھي.

12. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ بنياد تي سون، چاندي، ھيرن جواھرن، ڪاٺ، گاھہ يا ڪکن جي اڏاوت ڪندو،

13. تہ سندس ڪم ظاھر ٿي پوندو، ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڪم کي آخرت جو ڏينھن پڌرو ڪندو. اھو ڏينھن باھہ سان ظاھر ٿيندو ۽ اھا باھہ ھر ڪنھن جو ڪم پرکيندي تہ ڪھڙي قسم جو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 3