نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 2:6-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. تنھن ھوندي بہ ڪامل ايمان وارن ماڻھن منجھہ اسين ڏاھپ جون ڳالھيون ٿا ڪريون، پر نہ ھن زماني جي ڏاھپ جون ۽ نڪي ھن زماني جي حاڪمن جي ڏاھپ جون، جيڪي ناس ٿي رھيا آھن.

7. بلڪ، اسين خدا جي ڳجھي ڏاھپ بيان ڪري رھيا آھيون، جيڪا دنيا کان لڪل آھي ۽ جا خدا ھن زماني جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي ھئي.

8. انھيءَ ڏاھپ کي ھن زماني جي حاڪمن نہ سمجھيو. جيڪڏھن اھي سمجھن ھا تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏھن بہ صليب تي ڪين چاڙھين ھا.

9. پر جيئن لکيل آھي تہ”جيڪا شيءِ ڪنھن بہ اک نہ ڏٺي آھي،ڪنھن بہ ڪن نہ ٻڌي آھي۽ ڪنھن بہ دماغ نہ سوچي آھي،سا خدا پنھنجي پيار ڪندڙن لاءِتيار ڪئي آھي.“

10. پر اسان تي خدا اھا پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ڪئي آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح سڀني ڳالھين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالھين کي بہ پرکي ٿو وٺي.

11. ماڻھوءَ جا خيال سندس روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. ساڳيءَ طرح خدا جا خيال سندس پاڪ روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي.

12. اسان کي دنياوي روح نہ، بلڪ خدا جي طرفان پاڪ روح مليل آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين خدا جي بخشيل نعمتن کي سمجھي سگھون.

13. اسين اھي ڳالھيون ماڻھن جي ڏاھپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين روحاني ڳالھيون روحاني لفظن سان ئي سمجھايون ٿا.

14. پر جنھن ماڻھوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آھي، سو خدا جي پاڪ روح کان مليل ڳالھيون قبول نہ ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن لاءِ بي⁠وقوفي آھن. ھو انھن کي سمجھي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي روحاني طرح پرکيون وينديون آھن.

15. روحاني ماڻھو سڀني ڳالھين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انھيءَ کي ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي.

16. جيئن لکيل آھي تہ”ڪير خداوند جي سمجھہ کي ڄاڻي ٿو،جو کيس صلاح ڏئي؟“ پر اسان کي تہ مسيح جي سمجھہ مليل آھي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 2