نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 14:37-40 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

37. جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھو خدا جو پيغام ٻڌائي سگھي ٿو، يا کيس روحاني نعمت مليل آھي تہ ان کي ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي آءٌ لکان ٿو سي خداوند جا حڪم آھن.

38. پر جيڪڏھن ڪو اھا ڳالھہ نہ ٿو مڃي تہ کيس نہ مڃجي.

39. تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۾ دل لڳايو ۽ عجيب ٻوليون ڳالھائڻ کان منع نہ ڪريو.

40. پر سڀ ڪجھہ چڱيءَ طرح ۽ ترتيب سان ھجڻ گھرجي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 14