نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 14:24-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. پر جيڪڏھن سڀيئي خدا جو ڪلام ٻڌائيندا ۽ ڪو ايمان نہ آڻيندڙ يا اوپرو ماڻھو اندر لنگھي ايندو تہ اھو ٻڌي ھن کي پاڻ ۾ گناھہ نظر ايندا ۽ پرکجي ويندو.

25. سندس دل جون لڪل ڳالھيون ظاھر ٿي پونديون ۽ ھو پيشاني رکي خدا جو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوھان ۾ آھي.“

26. تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن.

27. عجيب ٻوليءَ ۾ ٻہ يا لاچار ٽي ڄڻا ھڪ وقت واري واري تي ڳالھائين ۽ ڪوبہ ھڪ ڄڻو ترجمو ڪندو وڃي.

28. پر جيڪڏھن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ ڪونہ ھجي تہ ڳالھائيندڙ ماٺ ڪري ويھي رھي. ھو رڳو پاڻ سان ڳالھائي ۽ خدا سان.

29. جيڪي خدا جو پيغام ٻڌائڻ چاھين، تن مان ٻہ يا ٽي ڳالھائين ۽ ٻين کي خيال سان پرکڻ گھرجي.

30. پر جيڪڏھن ڪنھن ويٺل تي خدا جو پيغام ظاھر ٿئي تہ ڳالھائيندڙ بس ڪري کيس ڳالھائڻ ڏئي.

31. اھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي ھڪ ھڪ ٿي خدا جو پيغام ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي ھمت⁠افزائي ٿئي.

32. خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن جا روح سندن ضابطي ھيٺ آھن.

33. ڇالاءِ⁠جو خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن امان جو خدا آھي.

34. ايمان وارن جي سڀني ڪليسيائن موجب، ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ عورتن کي چپ رھڻ گھرجي. ھنن کي ڳالھائڻ نہ کپي بلڪ کين تابعدار رھڻ گھرجي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آھي.

35. جيڪڏھن اھي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنھنجي پنھنجي مڙس کان پڇي معلوم ڪن. باقي ڪليسيا جي ميڙ ۾ ڳالھائڻ عورت لاءِ شرم جھڙي ڳالھہ آھي.

36. ڇا خدا جو ڪلام اوھان کان شروع ٿي ھليو آھي؟ يا اھو رڳو اوھان وٽ ئي پھتو آھي؟

37. جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھو خدا جو پيغام ٻڌائي سگھي ٿو، يا کيس روحاني نعمت مليل آھي تہ ان کي ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي آءٌ لکان ٿو سي خداوند جا حڪم آھن.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 14