نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 14:11-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. جيڪڏھن انھيءَ ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي نہ ايندي تہ ڳالھائيندڙ منھنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ ڳالھائيندڙ لاءِ ڌاريو ٿيندس.

12. سو اوھان، جن کي پاڪ روح جي نعمتن جي آرزو آھي، سي اھا ڪوشش ڪريو تہ اوھان جي روحاني نعمتن جي بھتر استعمال ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي.

13. ھن ڪري تہ جيڪو ماڻھو عجيب ٻولي ڳالھائي ٿو، تنھن کي دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ ھو چوي ٿو تنھن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.

14. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ ڪنھن عجيب ٻوليءَ ۾ دعا گھرندس تہ منھنجو روح تہ دعا گھرندو پر عقل بيڪار رھندو.

15. تڏھن آءٌ ڇا ڪندس؟ آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ عقل سان بہ. آءٌ روح سان بہ ڳائيندس ۽ عقل سان بہ.

16. پر جيڪڏھن تون رڳو روح سان دعا گھرندين تہ جنھن کي معنيٰ نہ ٿي اچي سو تنھنجي شڪراني جي دعا گھرڻ تي ڪيئن آمين چوندو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ تون جيڪي چوين ٿو سو ھو سمجھي ئي ڪونہ ٿو.

17. جيتوڻيڪ تون تہ چڱيءَ طرح خدا جو شڪرانو ٿو ڪرين پر ھن ٻئي جو تہ ڪوبہ سڌارو نہ ٿو ٿئي.

18. آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ آءٌ عجيب ٻوليون اوھان سڀني کان وڌيڪ ٿو ڳالھايان.

19. پر ڪليسيا ۾ ٻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڏھہ ھزار عجيب ٻوليءَ وارا لفظ ڳالھائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالھائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.

20. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ بالغ ٿيو.

21. شريعت ۾ لکيل آھي تہ”آءٌ ھن قوم سانڌاريون ٻوليون،۽ ڌارين ماڻھن جي واتان ڳالھائيندس،تہ بہ ھو منھنجي نہ ٻڌندا.“ ھي خداوند فرمائي ٿو.

22. تہ پوءِ عجيب ٻوليون ايمان وارن لاءِ نہ پر انھن لاءِ نشان آھن، جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ ايمان نہ آڻيندڙن لاءِ نہ، بلڪ ايمان وارن لاءِ نشان آھي.

23. تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن ساري ڪليسيا جا ماڻھو ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھائين ۽ ڪي اوپرا ۽ ايمان نہ آڻيندڙ ماڻھو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اھي کين چريو نہ سمجھندا؟

24. پر جيڪڏھن سڀيئي خدا جو ڪلام ٻڌائيندا ۽ ڪو ايمان نہ آڻيندڙ يا اوپرو ماڻھو اندر لنگھي ايندو تہ اھو ٻڌي ھن کي پاڻ ۾ گناھہ نظر ايندا ۽ پرکجي ويندو.

25. سندس دل جون لڪل ڳالھيون ظاھر ٿي پونديون ۽ ھو پيشاني رکي خدا جو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوھان ۾ آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 14