نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 13:1-4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جيڪڏھن آءٌ ماڻھن توڙي ملائڪن جونٻوليون ڳالھايان ٿو،پر مون ۾ محبت نہ آھي،تہ آءٌ وڄندڙ گھنڊ،يا ڇمڪندڙ جھانجھر آھيان.

2. جيڪڏھن مون کي نبين وانگر،ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي،۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان،۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيتروڪامل ايمان بہ ھجي،پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي،تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان.

3. جيڪڏھن آءٌ پنھنجو سڀ مال ملڪيتغريبن کي کارائي ڇڏيان،۽ پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيان،پر مون ۾ محبت نہ ھجي،تہ انھن مان مون کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.

4. محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مھربان آھي،محبت حسد نہ ٿي ڪري.محبت پاڻ کي نہ ٿي پڏائي۽ پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون نہ ٿي ھڻي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 13