نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 13:1-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جيڪڏھن آءٌ ماڻھن توڙي ملائڪن جونٻوليون ڳالھايان ٿو،پر مون ۾ محبت نہ آھي،تہ آءٌ وڄندڙ گھنڊ،يا ڇمڪندڙ جھانجھر آھيان.

2. جيڪڏھن مون کي نبين وانگر،ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي،۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان،۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيتروڪامل ايمان بہ ھجي،پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي،تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان.

3. جيڪڏھن آءٌ پنھنجو سڀ مال ملڪيتغريبن کي کارائي ڇڏيان،۽ پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيان،پر مون ۾ محبت نہ ھجي،تہ انھن مان مون کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.

4. محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مھربان آھي،محبت حسد نہ ٿي ڪري.محبت پاڻ کي نہ ٿي پڏائي۽ پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون نہ ٿي ھڻي.

5. محبت بدتميزي يا بي⁠ادبي نہ ٿي ڪري،محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي،محبت جلدي نہ ٿي چڙي۽ محبت بدگماني نہ ٿي ڪري.

6. محبت بدڪاريءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي،پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي.

7. محبت پردو رکي ٿي،محبت يقين رکي ٿي،محبت اميد رکي ٿي،محبت سھي ٿي.

8. محبت کي زوال ڪونھي.پر جتي بہ پيشنگوئيون ھونديون،سي ختم ٿي وينديون،يا جيڪي زبانون ھونديون،سي بند ٿي وينديون،يا جتي علم ھوندو تہاتي اھو ميٽجي ويندو.

9. ڇالاءِ⁠جو اسان جو علم ناقص۽ اسان جي پيشنگوئي اڻ⁠پوري آھي.

10. پر جڏھن ڪامل ايندو تہناقص ختم ٿي ويندو.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 13