نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 12:12-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. جيئن بدن ھڪ ۽ ان جا عضوا گھڻا آھن ۽ بدن جا سڀ عضوا جيتوڻيڪ گھڻا آھن پر تڏھن بہ گڏجي ھڪڙو ئي بدن ٺاھن ٿا، تيئن مسيح بہ آھي.

13. جھڙيءَ طرح اسان سڀني کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي ھڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي آھي، توڙي جو ڪي يھودي، ڪي غير يھودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد ھئا، پر اسان سڀني کي ھڪڙو ئي پاڪ روح اندر ۾ ڏنو ويو.

14. انسان جو بدن ھڪڙي عضوي جو نہ پر گھڻن جو ٺھيل آھي.

15. جيڪڏھن پير چوي تہ ”آءٌ ھٿ نہ آھيان، تنھنڪري بدن جو حصو نہ آھيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ ھو بدن جو حصو نہ آھي.

16. جيڪڏھن ڪن چوي تہ ”آءٌ اک نہ آھيان، تنھنڪري بدن جو حصو نہ آھيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ ھو بدن جو حصو نہ آھي.

17. جيڪڏھن سڄو بدن اک ھجي ھا تہ ٻڌڻ ڪٿان ٿئي ھا؟ جيڪڏھن سڄو بدن ڪن ھجي ھا تہ سنگھڻ ڪٿان ٿئي ھا؟

18. حقيقت ۾ خدا عضون مان ھر ھڪ عضوي کي بدن ۾ پنھنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آھي.

19. جيڪڏھن اھي سڀ ھڪ عضوو ھجن ھا تہ بدن ڪٿي ھجي ھا؟

20. دراصل عضوا گھڻا آھن پر بدن ھڪڙو ئي آھي.

21. اک ھٿ کي چئي نہ ٿي سگھي تہ ”مون کي تنھنجي ضرورت نہ آھي.“ يا وري مٿو پيرن کي چئي نہ ٿو سگھي تہ ”مون کي اوھان جي ضرورت ڪانھي.“

22. اٽلندو بدن جا اھي عضوا، جيڪي زيادہ نازڪ ڏسڻ ۾ ٿا اچن سي پاڻ وڌيڪ ضروري آھن.

23. بدن جا اھي عضوا جن کي اسين خسيس ٿا سمجھون، تن جو ڏاڍو قدر ٿا ڪريون. اسان جا بي⁠زيبا عضوا ڏاڍي زيب وارا ٿا بڻجن.

24. پر اسان جا زيب وارا عضوا خاص ڌيان جا محتاج نہ آھن. ڇالاءِ⁠جو خدا بدن کي اھڙيءَ طرح جوڙيو جو جيڪو خسيس عضوو ھو تنھن کي ڏاڍي عزت ڏنائين.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 12