نئين عهد نامي

1.ٿسلونيڪين 5:18-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. ھر حالت ۾ شڪرگذاري ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ مسيح جا ھئڻ ڪري اوھان بابت خدا جي اھا ئي مرضي آھي.

19. پاڪ روح، جيڪو باھہ مثل آھي تنھن کي نہ وسايو.

20. جيڪڏھن ڪو نبين وانگر خدا جو پيغام ٻڌائي ٿو تہ ان پيغام کي اجايو نہ سمجھو.

21. سڀني ڳالھين کي پرکيو، جيڪا چڱي ھجي تنھن کي اختيار ڪريو.

22. ھر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.

23. شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي.

24. جنھن اوھان کي سڏيو آھي، سو سچو آھي ۽ ھو ائين ئي ڪندو.

25. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو.

26. سڀني ايمان وارن کي پيار سان ملي سلام ڏجو،

27. ۽ آءٌ خداوند کي حاضرناظر ڄاڻي اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ھي خط کين پڙھي ٻڌائجو.

28. شل اوھان تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ھجي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ٿسلونيڪين 5