نئين عهد نامي

1.ٿسلونيڪين 5:1-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي وقتن ۽ زمانن جي باري ۾ اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي.

2. ڇالاءِ⁠جو اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي تيئن خداوند جو ڏينھن اوچتو ايندو.

3. جنھن وقت ماڻھو پيا چوندا تہ امن ۽ سلامتي آھي، انھيءَ وقت جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيندا آھن تيئن اوچتو ئي اوچتو مٿن تباھي اچي نازل ٿيندي ۽ اھي ھرگز نہ بچندا.

4. پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين اونداھيءَ ۾ نہ آھيو جو اھو ڏينھن چور وانگر اوھان مٿان اچي پوي.

5. بلڪ اوھان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينھن سان گھاٽو تعلق آھي. اسان جو رات يا اونداھيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونھي.

6. تنھنڪري اسين ٻين وانگر سمھي نہ رھون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ ھوشيار رھون.

7. ڇالاءِ⁠جو جيڪي سمھي رھن ٿا سي رات جو ئي ٿا سمھن ۽ جيڪي نشي ۾ چور ٿا ٿين سي رات جو ئي نشو ٿا ڪن.

8. پر اسين ڏينھن وارا آھيون، تنھنڪري اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرہ ڍڪي ۽ ڇوٽڪاري جي اميد جو لوھو ٽوپ پائي ھوشيار رھون.

9. ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي غضب سھڻ لاءِ نہ، بلڪ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.

10. ھو اسان جي خاطر مئو، انھيءَ لاءِ تہ اسين جيئرا ھجون يا مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.

11. تنھنڪري ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا ۽ ھڪ ٻئي جي ترقيءَ جو باعث ٿيندا رھو، جيئن سچ⁠پچ اوھين ڪريو بہ پيا.

12. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي عرض ٿا ڪريون تہ انھن ماڻھن جي عزت ڪريو، جيڪي اوھان منجھہ سخت محنت ٿا ڪن. اھي خداوند جا ھئڻ ڪري اوھان جا اڳواڻ آھن ۽ اوھان کي نصيحت ٿا ڪن.

13. سندن محنت جي ڪري محبت سان کين وڏي عزت ڏيو.اوھين پاڻ ۾ صلح سانت سان رھو.

14. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ٿسلونيڪين 5