نئين عهد نامي

1.ٿسلونيڪين 4:11-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. جھڙيءَ طرح اسان اوھان کي ٻڌايو آھي، تھڙيءَ طرح ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، پنھنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪريو.

12. انھيءَ طرح اوھان کي پنھنجي روزاني ھلت جي ڪري ڪليسيا کان ٻاھر وارن کان عزت حاصل ٿيندي ۽ اوھين ڪنھن جا بہ محتاج نہ ٿيندا.

13. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين نہ ٿا چاھيون تہ جيڪي مري ويا آھن تن بابت اوھين بي⁠خبر رھو، يا انھن وانگر غمگين ٿيو جن کي اميد ئي ڪانھي.

14. ڇالاءِ⁠جو جيئن اسين ھي مڃون ٿا تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جي اٿيو، تيئن اسين ھي بہ مڃون ٿا تہ جيڪي عيسيٰ جي ايمان ۾ مري ويا آھن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ پاڻ وٽ گھرائيندو.

15. انھيءَ ڪري اسين اوھان کي خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون تہ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا آھيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آھيون سي انھن کان، جيڪي مري ويا آھن، ڪنھن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.

16. ڇالاءِ⁠جو وڏي واڪي سان، وڏي ملائڪ جي آواز سان ۽ خدا جي بگل وڄڻ سان خداوند پاڻ آسمان مان ھيٺ لھندو. پوءِ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ مري ويا آھن سي پھريائين جي اٿندا.

17. انھيءَ کان پوءِ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا ۽ ڇڏيل ھونداسين سي انھن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کنيا وينداسين، تہ جيئن ھوا ۾ خداوند سان ملاقات ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين ھميشہ خداوند سان گڏ رھنداسين.

18. تنھنڪري اوھين انھن ڳالھين سان ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھو.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ٿسلونيڪين 4