نئين عهد نامي

1.ٿسلونيڪين 4:1-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.

2. ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوھان کي خداوند عيسيٰ جي طرفان ڪھڙا ڪھڙا حڪم ڏنا.

3. سو خدا جي مرضي اھا آھي تہ اوھين پاڪ رھو ۽ زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو.

4. اوھان مان ھر ڪو ماڻھو پنھنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي،

5. يعني شھوت جي جوش ۾ انھن قومن وانگر نہ گذاريو، جيڪي خدا کي نہ ٿيون سڃاڻين.

6. سو انھيءَ معاملي ۾ ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان سان زيادتي يا ٺڳي نہ ڪري. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوھان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آھي تہ خداوند اھڙن سڀني گناھن جي سزا ڏيندو.

7. ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، بلڪ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آھي.

8. تنھنڪري جيڪو ھيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻھوءَ کي نہ بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوھان کي پنھنجو پاڪ روح ڏئي ٿو.

9. ھاڻي ڀائرن واري محبت بابت اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ جي تعليم اوھان پاڻ خدا کان حاصل ڪئي آھي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ٿسلونيڪين 4