بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5

نئين عهد نامي

1.ٿسلونيڪين 3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. تنھنڪري جڏھن اسين اوھان کان جدا رھڻ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھياسين، تڏھن اسان بھتر سمجھيو تہ اٿينس شھر ۾ اڪيلا ئي رھجي وڃون.

2. سو تيمٿيس، جيڪو اسان جي ڀاءُ ۽ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھي، تنھن کي اوھان ڏانھن موڪليوسين، انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ ان جي باري ۾ اوھان کي ھمتائي.

3. اسين نہ ٿا چاھيون تہ انھن مصيبتن جي ڪري ڪنھن جي دل ھارجي، ڇالاءِ⁠جو اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين انھن لاءِ ئي مقرر ٿيا آھيون.

4. حقيقت ۾ جڏھن اسين اوھان وٽ ھئاسين تڏھن اوھان کي اڳي ئي چيو ھوسين تہ اسان کي مصيبت سھڻي پوندي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو.

5. انھيءَ سبب جڏھن آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، تڏھن اوھان جي ايمان بابت معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم. مون کي ڊپ ھو تہ متان ڪنھن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوھان کي آزمايو ھجي ۽ اسان جي محنت بيڪار ويئي ھجي.

تيمٿيس جو ھمتائيندڙ احوال

6. پر ھاڻي تيمٿيس اوھان وٽان ٿي واپس آيو ۽ اوھان جي ايمان ۽ محبت جي باري ۾ سٺي خبر ڏنائين. ھن اسان کي ٻڌايو آھي تہ اوھين اسان کي ھميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جھڙيءَ طرح اسان کي بہ اوھان جي آھي.

7. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پنھنجي گھڻي تنگيءَ ۽ مصيبت ۾ بہ اوھان جي ايمان جي ڪري اوھان بابت تسلي ٿي.

8. ھاڻي اسين حقيقي زندگي گذاريون ٿا، ڇالاءِ⁠جو اوھين خداوند تي ايمان آڻي قائم رھو ٿا.

9. اسان کي پنھنجي خدا جي آڏو اوھان جي ڪري ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آھي. انھيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪھڙيءَ طرح اوھان لاءِ خدا جي شڪرگذاري ادا ڪريون؟

10. اسين رات ڏينھن تمام گھڻي دعا گھرندا ٿا رھون تہ شل وري اوھان جو منھن ڏسون ۽ اوھان جي ايمان ۾ جيڪا گھٽتائي آھي سا پوري ڪريون.

11. ھاڻي شل اسان جو خدا ۽ پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اوھان وٽ اچڻ لاءِ اسان جي راھہ تيار ڪري.

12. جھڙيءَ طرح اسان کي اوھان سان محبت آھي، تھڙيءَ طرح خداوند شل اوھان جي محبت بہ ھڪ ٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي ڪري ۽ بيحد وڌائي.

13. شل ھو اوھان جي دلين کي اھڙو مضبوط ڪري جو جڏھن اسان جو خداوند عيسيٰ پنھنجي سڀني پوئلڳن سان اچي، تڏھن اسان جي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھين پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجو.