نئين عهد نامي

1.پطرس 5:6-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. تنھنڪري خدا جي قدرت واري ھٿ ھيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي مناسب وقت تي سربلند ڪري.

7. پنھنجي سڄي ڳڻتي انھيءَ تي رکو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جو فڪر آھي.

8. ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.

9. اوھين ايمان تي قائم رھي سندس مقابلو ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جا ڀائر جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ آھن، سي بہ اھڙن ئي ڏکن ۾ پيا گذارين.

10. ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.

11. انھيءَ جي بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين رھي. آمين.

12. آءٌ اوھان ڏانھن ھي مختصر خط سيلاس جي معرفت لکي رھيو آھيان، جنھن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي ھمتايان ۽ شاھدي بہ ڏيان تہ خدا جو سچو فضل اھو ئي آھي. اوھين انھيءَ تي قائم رھو.

13. اوھان سان گڏ چونڊيل ڪليسيا، جيڪا بابل ۾ آھي سا اوھان کي سلام ٿي ڏئي ۽ منھنجو فرزند مرقس بہ.

مڪمل باب پڙهڻ 1.پطرس 5