نئين عهد نامي

1.پطرس 5:3-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. جيڪي ماڻھو اوھان جي حوالي ڪيا ويا آھن تن تي حڪم نہ ھلايو، بلڪ انھيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي نمونو بڻايو.

4. پوءِ جڏھن وڏو ڌنار ظاھر ٿيندو، تڏھن اوھان کي اھڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏھن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.

5. ساڳيءَ طرح اي جوانو! اوھين بزرگن جي تابع رھو. اوھين سڀيئي ھڪ ٻئي اڳيان نماڻائيءَ سان پھريل رھو، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري،پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“

6. تنھنڪري خدا جي قدرت واري ھٿ ھيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي مناسب وقت تي سربلند ڪري.

7. پنھنجي سڄي ڳڻتي انھيءَ تي رکو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جو فڪر آھي.

8. ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.

9. اوھين ايمان تي قائم رھي سندس مقابلو ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جا ڀائر جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ آھن، سي بہ اھڙن ئي ڏکن ۾ پيا گذارين.

10. ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.

11. انھيءَ جي بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين رھي. آمين.

مڪمل باب پڙهڻ 1.پطرس 5