نئين عهد نامي

1.پطرس 5:12-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. آءٌ اوھان ڏانھن ھي مختصر خط سيلاس جي معرفت لکي رھيو آھيان، جنھن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي ھمتايان ۽ شاھدي بہ ڏيان تہ خدا جو سچو فضل اھو ئي آھي. اوھين انھيءَ تي قائم رھو.

13. اوھان سان گڏ چونڊيل ڪليسيا، جيڪا بابل ۾ آھي سا اوھان کي سلام ٿي ڏئي ۽ منھنجو فرزند مرقس بہ.

14. ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو.شل اوھان سڀني تي، جيڪي مسيح جا آھيو سلامتي ھجي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.پطرس 5