نئين عهد نامي

1.پطرس 4:6-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. انھيءَ ئي مطلب لاءِ مئلن کي بہ خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي تہ انھن جو جسماني طور تہ ماڻھن وانگر انصاف ٿئي، پر روحاني طور اھي خدا وانگر جيئرا رھن.

7. سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو.

8. سڀ کان وڌيڪ اھم ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ھڪ ٻئي سان گھڻي محبت رکو، ڇالاءِ⁠جو محبت گھڻن ئي گناھن کي ڍڪي ٿي ڇڏي.

9. بنا ڪرڪڻ جي ھڪ ٻئي جي مھمان⁠نوازي ڪريو.

10. ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.

11. جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

12. اي پيارا دوستو! مصيبت جي باھہ جيڪا اوھان جي آزمائش لاءِ اوھان تي آئي آھي، تنھن بابت تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالھہ اوھان تي اچي پيئي آھي.

13. پر جيئن جيئن اوھين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو تيئن تيئن خوشي ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن سندس جلال ظاھر ٿئي تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ۽ سرھا ھجو.

14. جيڪڏھن مسيح جي نالي جي ڪري اوھان کي بي⁠عزت ڪيو ٿو وڃي تہ اوھين سڀاڳا آھيو، ڇالاءِ⁠جو خداءِ⁠ذوالجلال جي روح جي اوھان تي ڇانوَ آھي.

15. ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو خوني، چور، بدڪار يا ٻين جي ڪمن ۾ دست⁠اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سھي.

16. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو مسيحي ھئڻ سببان ڏک سھي تہ شرمندو نہ ٿئي، بلڪ انھيءَ نالي جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪندو رھي.

17. ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟

18. جيئن لکيل آھي تہ”جيڪڏھن سچار کي ئيوڏي مشڪل سان ڇوٽڪارو ملندو،تہ پوءِ بدڪارن ۽ گنھگارن جوڪھڙو حال ٿيندو؟“

19. تنھنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب ڏک ٿا سھن، سي نيڪي ڪرڻ سان پنھنجيون جانيون سچي خالق جي حوالي ڪن.

مڪمل باب پڙهڻ 1.پطرس 4