نئين عهد نامي

1.پطرس 3:7-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. اي مڙسؤ! اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجين زالن سان عقلمنديءَ سان ھلو. عورت ذات کي نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اھي بہ اوھان جي زندگيءَ جي نعمت ۾ وارث آھن. ائين ڪرڻ سان اوھان جون دعائون بي⁠اثر نہ ٿينديون.

8. مطلب تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ ھڪ دل ٿي گذاريو ۽ ھمدرد ٿيو. ھڪ ٻئي کي ڀائر سمجھي پيار ڪريو، نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو.

9. بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين انھيءَ لاءِ سڏيا ويا آھيو تہ برڪت جا وارث ٿيو.

10. جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ”جيڪوبہ ڀانئين تہ حياتي سکي گذاريان۽ چڱا ڏينھن ڏسان،سو پنھنجي زبان کي بڇڙائيءَ کان۽ پنھنجن چپن کيٺڳيءَ جھڙي ڳالھہ ڪرڻ کان روڪي.

11. ھو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري۽ نيڪي ڪري.ھو صلح کي ڳولي لھي۽ انھيءَ جي ڪڍ لڳي.

12. ڇالاءِ⁠جو خداوند جون اکيون سچارن تي آھن۽ سندس ڪن انھن جي التجا تي.پر جيڪي بدي ڪن ٿا،خدا انھن کان منھن موڙي ٿو.“

13. جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪرڻ ۾ سرگرم آھيو تہ ڪير اوھان کي ڏکوئيندو؟

14. پر جي سچائيءَ جي ڪري کڻي ڏک سھو بہ تہ اوھين سڀاڳا آھيو. سو ماڻھن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.

15. پر مسيح کي پنھنجين دلين ۾ خداوند ڄاڻي سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻھو اوھان کان انھيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوھان کي آھي تہ کيس جواب ڏيڻ لاءِ ھميشہ تيار رھو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان.

16. پنھنجي نيت بہ صاف رکو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ماڻھو اوھان کي مسيح جي پوئلڳ ھئڻ ڪري اوھان جي چڱي ھلت چلت بنسبت گھٽ وڌ ٿا ڳالھائين، سي پنھنجي انھيءَ بدگوئيءَ تي شرمندا ٿين.

مڪمل باب پڙهڻ 1.پطرس 3