21. انھيءَ جو صحيح مثال بپتسما آھي، جيڪا ھاڻي بہ اوھان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اھا ناھي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، بلڪ اھا آھي تہ نيڪنيتيءَ سان خدا جو طلبگار ٿجي. اھا بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جي اٿڻ جي وسيلي اوھان کي بچائي ٿي.
22. ھو آسمان ۾ ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي آھي، جتي ملائڪ، اختياريءَ وارا ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آھن.