2. يعني جڏھن اھي اوھان جي پاڪيزہ ۽ ادب واري ھلت چلت ڏسن.
3. اوھان جو سينگار، وارن ڳتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدن ڪپڙن ڍڪڻ وارو ظاھري سينگار نہ ھئڻ گھرجي.
4. ان جي بدران اوھان جي باطني انسانيت، حليم ۽ غريب طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل ھجي. خدا جي نظر ۾ انھيءَ جو وڏو قدر آھي.
5. اڳئين زماني ۾ بہ پاڪ عورتون جيڪي خدا ۾ اميد رکنديون ھيون، سي پنھنجي پنھنجي مڙس جون تابعدار رھي انھيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون ھيون.
6. اھڙيءَ طرح سارہ ابراھيم جي حڪم ۾ رھندي ھئي ۽ کيس پنھنجو آقا چوندي ھئي. اوھين بہ انھيءَ جون ڌيئر آھيو، بشرطيڪ نيڪي ڪريو ۽ ڪنھن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو.
7. اي مڙسؤ! اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجين زالن سان عقلمنديءَ سان ھلو. عورت ذات کي نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اھي بہ اوھان جي زندگيءَ جي نعمت ۾ وارث آھن. ائين ڪرڻ سان اوھان جون دعائون بياثر نہ ٿينديون.
8. مطلب تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ ھڪ دل ٿي گذاريو ۽ ھمدرد ٿيو. ھڪ ٻئي کي ڀائر سمجھي پيار ڪريو، نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو.
9. بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇالاءِجو اوھين انھيءَ لاءِ سڏيا ويا آھيو تہ برڪت جا وارث ٿيو.