نئين عهد نامي

1.پطرس 3:14-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. پر جي سچائيءَ جي ڪري کڻي ڏک سھو بہ تہ اوھين سڀاڳا آھيو. سو ماڻھن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.

15. پر مسيح کي پنھنجين دلين ۾ خداوند ڄاڻي سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻھو اوھان کان انھيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوھان کي آھي تہ کيس جواب ڏيڻ لاءِ ھميشہ تيار رھو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان.

16. پنھنجي نيت بہ صاف رکو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ماڻھو اوھان کي مسيح جي پوئلڳ ھئڻ ڪري اوھان جي چڱي ھلت چلت بنسبت گھٽ وڌ ٿا ڳالھائين، سي پنھنجي انھيءَ بدگوئيءَ تي شرمندا ٿين.

17. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي اھا ئي مرضي ھجي تہ اوھين نيڪي ڪرڻ سبب ڏک سھو، تہ اھا ڳالھہ بدي ڪرڻ سبب ڏک سھڻ کان بھتر آھي.

18. تنھنڪري مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري اوھان جي گناھن جي ڪري مئو يعني سچار گنھگارن لاءِ، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي خدا تائين پھچائي. ھو جسم جي اعتبار کان تہ ماريو ويو، پر روح جي اعتبار کان جيئرو ڪيو ويو.

19. انھيءَ روح واري حالت ۾ بہ ھن وڃي انھن روحن وٽ تبليغ ڪئي جيڪي قيد ۾ پيا ھئا.

20. ھي اھي ھئا جن اڳي نافرماني ڪئي ھئي. ان وقت نوح جي زماني ۾ خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پر انھيءَ ۾ رڳو ٿورا ماڻھو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ منجھان بچي ويا.

21. انھيءَ جو صحيح مثال بپتسما آھي، جيڪا ھاڻي بہ اوھان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اھا ناھي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، بلڪ اھا آھي تہ نيڪ⁠نيتيءَ سان خدا جو طلبگار ٿجي. اھا بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جي اٿڻ جي وسيلي اوھان کي بچائي ٿي.

22. ھو آسمان ۾ ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي آھي، جتي ملائڪ، اختياريءَ وارا ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آھن.

مڪمل باب پڙهڻ 1.پطرس 3