نئين عهد نامي

1.پطرس 3:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اي زالون! ساڳيءَ طرح اوھين بہ پنھنجن مڙسن جون تابعدار رھو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪڏھن انھن مان ڪي پاڪ ڪلام کي نہ مڃيندا ھجن تہ اھي پنھنجين زالن جي ھلت چلت جي ڪري، چوڻ کان سواءِ ئي خدا جي طرف ڇڪجي اچن،

2. يعني جڏھن اھي اوھان جي پاڪيزہ ۽ ادب واري ھلت چلت ڏسن.

3. اوھان جو سينگار، وارن ڳتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدن ڪپڙن ڍڪڻ وارو ظاھري سينگار نہ ھئڻ گھرجي.

4. ان جي بدران اوھان جي باطني انسانيت، حليم ۽ غريب طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل ھجي. خدا جي نظر ۾ انھيءَ جو وڏو قدر آھي.

5. اڳئين زماني ۾ بہ پاڪ عورتون جيڪي خدا ۾ اميد رکنديون ھيون، سي پنھنجي پنھنجي مڙس جون تابعدار رھي انھيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون ھيون.

مڪمل باب پڙهڻ 1.پطرس 3