نئين عهد نامي

1.پطرس 2:3-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. ڇالاءِ⁠جو اوھان خداوند جي مھربان ھئڻ جو سواد چکيو آھي.

4. انھيءَ جيئري پٿر، يعني مسيح وٽ اچو جنھن کي ماڻھن تہ رد ڪري ڇڏيو، پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي چونڊيو.

5. اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.

6. ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ھڪ پٿر رکان ٿو،جيڪو چونڊيل، قيمتي۽ سڀ کان اھم پٿر آھي.جيڪو ماڻھو انھيءَ تي ايمان آڻيندو،سو ڪڏھن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“

7. تنھنڪري اوھين، جن ايمان آندو آھي، تن جي لاءِ اھو قيمتي پٿر آھي. پر جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين تن جي لاءِ اھو لکيل آھي تہ”جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.“

8. ٻئي ھنڌ لکيل آھي تہ”اھو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر،يعني ماڻھن لاءِ ٺوڪر کائڻ واري ڇپ ٿيو.“ سو اھي ماڻھو ڪلام جا نافرمان ٿي ان تان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انھيءَ جي لاءِ اھي مقرر بہ ڪيا ويا آھن.

9. پر اوھين ھڪڙو چونڊيل نسل، شاھي ڪاھنن جي جماعت، پاڪ قوم ۽ خدا جا اھڙا چونڊيل ماڻھو آھيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آھن. اوھين انھيءَ لاءِ چونڊيا ويا آھيو تہ خدا جون خوبيون ظاھر ڪريو، جنھن اوھان کي اونداھيءَ مان ڪڍي پنھنجي عجيب روشنيءَ ڏانھن سڏيو آھي.

10. اڳي اوھين ڇڙوڇڙ ھئا، پر ھاڻي اوھين خدا جي قوم آھيو. اڳي اوھان تي رحمت ڪونہ ٿي ھئي، پر ھاڻي رحمت ٿي اٿوَ.

11. اي پيارا دوستو! آءٌ اوھان کي ھن دنيا ۾ پرديسي ۽ جلاوطن سمجھي منٿ ٿو ڪريان تہ انھن جسماني برين خواھشن کان پري رھو، جيڪي اوھان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.

12. غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.

مڪمل باب پڙهڻ 1.پطرس 2