نئين عهد نامي

1.يوحنا 5:13-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. اوھين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان آڻيو ٿا، تن ڏانھن مون ھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ لکيون آھن تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ اوھان کي دائمي زندگي مليل آھي.

14. اسان کي خدا جي حضور ۾ پورو پورو ڀروسو آھي تہ جيڪڏھن اسين سندس مرضيءَ موجب ڪا شيءِ گھرنداسين تہ ھو اسان جي ٻڌندو.

15. جيڪڏھن اسان کي خبر آھي تہ ھو اسان جي ٻڌي ٿو، تہ پوءِ اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسان کانئس گھريو آھي سو اسان کي مليو آھي.

16. جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان کي اھڙو گناھہ ڪندو ڏسي، جنھن جو نتيجو موت نہ آھي تہ کيس ھن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. ھي انھن لاءِ آھي جيڪي اھڙا گناھہ نہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت آھي. اھڙو بہ گناھہ آھي، جنھن جو نتيجو موت آھي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انھيءَ گناھہ بابت دعا گھرڻ کپي.

17. سڀڪا بڇڙائي گناھہ آھي، پر اھڙو بہ گناھہ آھي جنھن جو نتيجو موت نہ آھي.

18. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن کي پنھنجو ٻار بڻايو آھي، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند سندس حفاظت ڪري ٿو ۽ شيطان کيس ھٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.

19. اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آھيون، جيتوڻيڪ ٻي سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آھي.

20. اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.

21. پيارا ٻارؤ! بتن يعني ڪوڙن معبودن کان پاڻ کي بچائجو.

مڪمل باب پڙهڻ 1.يوحنا 5