نئين عهد نامي

1.يوحنا 4:3-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. پر جيڪو روح عيسيٰ کي نہ ٿو مڃي، سو خدا جي طرفان نہ آھي ۽ اھو ئي مسيح جي دشمن جو روح آھي، جنھن جي بابت اوھان ٻڌو آھي تہ اچڻ وارو آھي، بلڪ ھاڻي اچي چڪو آھي.

4. پيارا ٻارؤ! اوھين خدا جا آھيو ۽ انھن نبي سڏائيندڙن تي فتحياب ٿيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان ۾ آھي سو انھيءَ کان وڌيڪ طاقتور آھي جيڪو دنيا ۾ آھي.

5. ھو دنيا جا آھن، تنھنڪري ھو دنيا جون ڳالھيون ڪن ٿا ۽ دنيا انھن جي ٻڌي ٿي.

6. اسين خدا جا آھيون. جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آھي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انھيءَ مان اسان کي حق جي روح ۽ گمراھيءَ جي روح جي خبر پوي ٿي.

7. اي عزيزو! اچو تہ ھڪ ٻئي کي پيار ڪريون. ڇالاءِ⁠جو پيار خدا جي طرفان آھي ۽ جيڪو پيار ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ ھو خدا کي سڃاڻي ٿو.

8. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو خدا کي نہ ٿو سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو خدا پيار آھي.

9. خدا پنھنجو پيار اسان سان ھن طرح ظاھر ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ جيئن انھيءَ جي وسيلي اسين جيئرا رھون.

10. پيار اھو نہ آھي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر ھي آھي تہ خدا اسان کي پيار ڪيو ۽ پنھنجي فرزند جي قرباني ڏنائين، جيڪا اسان جا گناھہ کڻي وڃي ٿي.

11. اي عزيزو! جڏھن خدا ئي اسان سان اھڙو پيار ڪيو، تہ پوءِ اسان کي بہ گھرجي تہ ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون.

12. ڪنھن بہ انسانذات ڪڏھن بہ خدا کي نہ ڏٺو آھي. پر جيڪڏھن اسين ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.

13. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو ۽ اسان خدا ۾ رھون ٿا، ڇالاءِ⁠جو ھن اسان کي پنھنجو پاڪ روح ڏنو آھي.

14. اسان ڏٺو آھي ۽ انھيءَ جي شاھدي ٿا ڏيون تہ پيءُ پنھنجي فرزند کي جھان جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آھي.

15. جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آھي، تہ خدا انھيءَ ۾ رھي ٿو ۽ ھو خدا ۾.

16. اسان کي خبر آھي ۽ اھو يقين اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آھي. خدا پيار آھي، جيڪو پيار ۾ رھي ٿو سو خدا ۾ رھي ٿو ۽ خدا بہ انھيءَ ۾ رھي ٿو.

مڪمل باب پڙهڻ 1.يوحنا 4