نئين عهد نامي

1.يوحنا 3:18-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. اي پيارا ٻارؤ! اسان کي رڳو ڳالھين ۽ زبان سان نہ، پر عمل ۽ سچائيءَ جي وسيلي بہ پيار ڪرڻ گھرجي.

19. انھيءَ مان اسان کي خبر پوندي تہ اسين حق تي آھيون ۽ خدا جي حضور ۾ اسان جي دل کي خاطري ٿيندي.

20. خاص ڪري انھن ڳالھين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ملامت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو خدا اسان جي دلين کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ کيس سڀني ڳالھين جي خبر آھي.

21. اي پيارا عزيزو! جيڪڏھن اسان جون دليون اسان کي ملامت نہ ٿيون ڪن، تہ پوءِ خدا جي آڏو اسين ھمت ڪري سگھون ٿا.

22. جو ڪجھہ بہ اسين کانئس گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اھي ڪم ڪريون ٿا، جيڪي ھن کي پسند آھن.

23. ھن جو حڪم ھيءُ آھي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ ھڪ ٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن ھن اسان کي حڪم ڏنو آھي.

24. جيڪي خدا جي حڪمن تي عمل ڪن ٿا، سي منجھس رھن ٿا ۽ ھو انھن ۾ رھي ٿو. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو. اھو اسين انھيءَ ڪري ڄاڻون ٿا تہ ھن اسان کي پاڪ روح ڏنو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.يوحنا 3