نئين عهد نامي

1.يوحنا 3:1-6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ڏسو، پيءُ جو اسان سان ڪيترو نہ پيار آھي. ھن جو اسان سان ايترو تہ پيار آھي جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آھيون بہ. اِھو ئي سبب آھي جو دنيا اسان کي نہ ٿي سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو ھن کيس بہ نہ سڃاتو آھي.

2. پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِ⁠جو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي.

3. جنھن کي بہ مسيح ۾ اھڙي اميد آھي، سو پاڻ کي اھڙو پاڪ ڪري جھڙو مسيح پاڪ آھي.

4. جيڪوبہ گناھہ ڪري ٿو سو خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھدار آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ گناھہ خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي آھي.

5. اوھان کي خبر آھي تہ مسيح انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو ھو تہ جيئن گناھن کي کڻي وڃي ۽ منجھس گناھہ تہ اصل آھي ئي ڪونہ.

6. جيڪو منجھس قائم رھي ٿو، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، جيڪو گناھہ ڪندو آھي تنھن نہ کيس ڏٺو آھي ۽ نڪي کيس سڃاتو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.يوحنا 3