نئين عهد نامي

1.تيمٿيس 6:5-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. اھڙن بدنيت ماڻھن جي وچ ۾ سدائين اڻ⁠بڻت پيدا ٿيندي ٿي رھي. اھي سچ کان محروم آھن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.

6. بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آھي، بشرطيڪ ان سان گڏ قناعت بہ ھجي.

7. ڇالاءِ⁠جو اسان دنيا ۾ نہ ڪجھہ آندو آھي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون.

8. سو جيڪڏھن اسان وٽ خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود آھي تہ انھيءَ تي ئي راضي رھون.

9. پر جيڪي ماڻھو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۽ ڦندي ۾ ۽ گھڻين بي⁠وقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواھشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن. اھي خواھشون ماڻھن کي تباھيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ڪريو ڇڏين.

10. ڇالاءِ⁠جو پيسي سان پيار رکڻ، ھر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آھي. ڪي ماڻھو پيسي جا طلبگار ٿي ايمان کان گمراھہ ٿي ويا ۽ طرح طرح جي ڏکن ۾ پاڻ کي وڪوڙي ڇڏيائون.

11. پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ.

12. ايمان جي لڙائي چڱيءَ طرح وڙھہ. دائمي زندگيءَ کي ھٿ ڪر، جنھن جي لاءِ تون سڏيو ويو ھئين، جڏھن تو گھڻن شاھدن جي روبرو ايمان جو چڱو اقرار ڪيو ھو.

13. آءٌ انھيءَ خدا کي، جيڪو ھر شيءِ کي زندگي ٿو بخشي ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي جنھن پنطيس⁠پلاطس جي اڳيان سچائيءَ جو اقرار ڪري شاھدي ڏني ھئي، حاضر ناظر ڄاڻي تو کي تاڪيد ٿو ڪريان،

14. تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ تائين انھيءَ حڪم تي بي⁠داغ ۽ بي⁠قصور رھي عمل ڪر.

15. خدا پنھنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاھر ڪندو، اھو خدا جيڪو سڳورو ۽ واحد حاڪم آھي. اھو ئي بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند آھي.

16. رڳو اھو ئي بقا وارو آھي ۽ ھو انھيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رھي، جنھن تائين ڪوبہ پھچي نہ ٿو سگھي. خدا کي نہ ڪنھن ماڻھوءَ ڏٺو آھي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. انھيءَ جي عزت ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

مڪمل باب پڙهڻ 1.تيمٿيس 6