نئين عهد نامي

1.تيمٿيس 6:1-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽيل آھن، سي سڀيئي پنھنجن مالڪن کي پوريءَ عزت جي لائق سمجھن، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي نالي جي ۽ اسان جي تعليم جي بدنامي نہ ٿئي.

2. جن جا مالڪ ايمان وارا آھن سي انھن مالڪن کي حقير نہ سمجھن، ڇوجو اھي سندن ھم⁠ايمان آھن. ان جي بدران اھي مالڪن جي بھتر خدمت ڪن، ڇالاءِ⁠جو جن کي انھن جي خدمت جو فائدو ٿو ملي سي ايمان وارا ۽ سندن پيارا آھن.انھن ڳالھين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.

3. جيڪڏھن ڪو ماڻھو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحيح ڳالھين ۽ دينداريءَ واري تعليم کي نہ ٿو مڃي،

4. تہ اھو مغرور آھي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. ھن کي بحث مباحثي ۽ لفظي تڪرار ڪرڻ جو مرض آھي، جنھن جي نتيجي ۾ حسد، جھيڙو، بدزبانيون ۽ بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون.

5. اھڙن بدنيت ماڻھن جي وچ ۾ سدائين اڻ⁠بڻت پيدا ٿيندي ٿي رھي. اھي سچ کان محروم آھن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.

6. بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آھي، بشرطيڪ ان سان گڏ قناعت بہ ھجي.

7. ڇالاءِ⁠جو اسان دنيا ۾ نہ ڪجھہ آندو آھي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون.

8. سو جيڪڏھن اسان وٽ خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود آھي تہ انھيءَ تي ئي راضي رھون.

مڪمل باب پڙهڻ 1.تيمٿيس 6