4. پر جيڪڏھن ڪنھن رنزال کي ڌيئر پٽ، يا انھن جا ٻار ھجن تہ اھي سڀ کان پھريائين پنھنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري ھلت ڪرڻ ۽ پنھنجي ماءُپيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇالاءِجو خدا کي اھو پسند آھي.
5. اھا رنزال جيڪا سچپچ رنزال ۽ بلڪل اڪيلي آھي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينھن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رھي.
6. پر جيڪا رنزال عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيئري ئي مئل آھي.
7. انھن ڳالھين لاءِ کين ھدايت بہ ڪر تہ جيئن مٿن ڪوبہ الزام نہ ھڻي.
8. جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجن مائٽن ۽ خاص ڪري پنھنجي گھر ٻار جو بندوبست نہ ٿو ڪري، تہ اھو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انھيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آھي جنھن جو ڪو ايمان ڪونھي.
9. رننزالن جي ياداشت ۾ انھيءَ رنزال جو نالو لکيو وڃي، جنھن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ ھجي ۽ جيڪا رڳو ھڪڙي مڙس جي زال ٿي رھي ھجي.
10. اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھماننوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين.
11. پر جوان رننزالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِجو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون.